عبدالغفور بسمل ڊاڪٽر

بسمل، عبدالغفور بسمل ، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر عبدالغفور ’بسمل‘ 1895ع ڌاري پيلي ڀيت (يو. پي) انڊيا ۾ جنم ورتو. 18 آگسٽ 1948ع تي کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ 18 جنوري 1949ع تي کيس آزاد ڪيو ويو. ڊاڪٽر عبدالغفور جيل مان آزاد ٿيڻ بعد هندستان مان لڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي گهر واري ڊاڪٽر اُم ڪلثوم سان گڏ لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ رهائش اختيار ڪيائين ۽ شاهي بازار ۾ ڪلينڪ کوليائين. زال ۽ مڙس آگري ميڊيڪل ڪاليج مان ايم. بي. بي ايس ڪيل هئا. سندس گهر واريءَ ڪينيڊي مارڪيٽ جي سامهون عورتن لاءِ اسپتال ۽ ويم گهر کوليو. ڊاڪٽر عبدالغفور جا ٻه ڪتاب: (1) ’روئيداد قفس‘ (انڊيا ۾ جيل وارو عرصو) ۽ (2) ’پاڪستان ۾ هجرت ڪي آٺ سال‘ (1958ع)ڇپيل آهن. ڊاڪٽر عبدالغفور 30 ڊسمبر 1956ع تي وفات ڪري ويو. سندس آخري آرام گاهه گيان باغ (لاڙڪاڻو) ڀرسان قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو